جامعه العلوم اسلاميه

جامعه العلوم اسلاميه: هيءُ مدرسو مولانا محمد يوسف بنوري، نيو ٽائون ڪراچيءَ ۾ 3 محرم 1374هه/ 2 سيپٽمبر 1954ع ۾ قائم ڪيو، جيڪو ٿوري ئي عرصي ۾ هڪ وڏو ديني درسگاهه بنجي ويو. هتي تعليم ۽ تدريس جا مختلف درجا قائم آهن. هتي تصنيف جهڙا اهم شعبا به ڪم ڪري رهيا آهن. جامعه هر مهيني اردو ۾ ’بينات‘ جي نالي سان هڪ رسالو به شايع ڪري رهي آهي. جامعه ۾ استادن ۽ ٻين ڪارڪنن جو تعداد ٻن هزارن کان وڌيڪ آهي، جن ۾ اهڙا استاد به آهن جن دنيا جي مختلف يونيورسٽي/ جامعات مان ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن. هتي آمريڪا، يورپ، وچ اوڀر ۽ عرب ملڪن جا 700 جي لڳ ڀڳ طالب علم پڙهي رهيا آهن. هتي تجويد ۽ قراءت، درجات، عربيه ۽ تفسير جا اهم شعبا آهن. جامعه جي قيام جو هڪڙو مقصد عربي مدرسن لاءِ دينيات لاءِ اعليٰ قابليت جا استاد تيار ڪرڻ به آهي.





هن صفحي کي شيئر ڪريو